نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

HomeUncategorizedنئين پاڪستان جي...

گلگت(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نئين پاڪستان جي نالي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو رستو روڪينداسين ۽ کين پاڪستان کي سندن تجربي گاهه بڻجڻ نه ڏينداسين. گلگلت جي پولو گرائونڊ ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين پاڪستان وارن پراڻي پاڪستان جي بنياد لوڏي ڇڏيا آهن، چونڊن کان اڳ عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا ويا، جيڪي ماڻهن کي ياد آهن پر هو پاڻ ويساري ويٺا آهن. بلاول ڀٽو حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته کين ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ مان فرصت ملي ته معيشت ڏانهن ڌيان ڏين، اڃا 100 ڏينهن به پورا ناهن ٿيا 100 کان وڌيڪ ته يوٽرن وٺي چڪا آهن، جيڪي قرض وٺڻ تي آپگهات ترجيح ڏين پيا اهي قرض ملڻ تي مٺايو ورهائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڏهن رپين جي ماني، 15 رپين جو نان اهو آهي نئون پاڪستان، واهه ڙي واهه عمران خان، اڄ ملڪ سنگين بحراني صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ قيادت جو بحران آهي، وڙهڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندا. بلاول ڀٽوزرداري جو چوڻ هوته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ضد ۽ انا کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ مشاورت، برداشت، اظهار جي آزادي ۽ پارليامنٽ جو ادب نه هلندو، هتي اهو ئي ٿيندو جيڪو خان صاحب فرمائيندو ۽ اهو ئي هلندو رهندو جيڪو ڪينٽينرن تي ٿيندو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي جدوجهد عوام جي حڪمراني تي ٻڌل آهي، منهنجو گلگت سان ٽن نسلن جو رشتو جڙيل آهي، شهيد ڀٽو ۽ بي بي جيڪو رشتو نڀايو اهو نڀائڻ جو واعدو ڪريان ٿو، پاڪستان جي مضبوطي جدوجهد جاري رکندس. بلاول ڀٽو چيو ته گلگت ۾ شهيد بي بي سول سيڪريٽريٽ قائم ڪيو، عدالتي نظام ۾ بهتري آندي، پر گذريل حڪومت گلگلت بلتستان جي خودمختياري تي حملا جاري رکيا. پ پ چيئرمين چيو ته اڄڪلهه تبديلي جا واعدا ڪيا پيا وڃن، تبديلي جي شروعات گلگت بلستان فنڊ ۾ 4 ارب جي ڪمي سان ڪئي وئي ۽ 18 رٿائن کي ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽي زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ هو ته گلگلت بلتستان جي ماڻهن جو جوش جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي اڪيلي وفاقي پارٽي آهي. ترجمان چيو ته رڳو پيپلز پارٽي ئي وفاق کي گڏ رکڻ ۽ سڀني کي حق ڏيڻ جي صلاحت رکي ٿي، اسان جي جماعت گلگت بلتستان جي عوام کي حق ڏنا جيڪي گذريل حڪومتي دور ۾ کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ترجمان وڌيڪ چيو ته يوٽرن وٺڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته وفاق جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ وفاق کي ڪيئن متحد رکي سگهجي ٿو، بلاول ڀٽو جي ترجمان چيو ته گلگت بلتستان حقن ۽ حڪمراني تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون...

سول ۽ عسڪري قيادت جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});