اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ اوڀر جي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي، پاڪستاني بندرگاهن ۽ ميرٽائيم آپريشنز جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي بابت تيار ڪيل حڪمت عملي ۽ اڳ تائين جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن هدايت ڪئي ته خليجي ملڪن جي کاڌي پيتي جي شين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڀئي ادارا ويجهي رابطي ۾ رهن ۽ ملڪ جي اندروني ضرورتن کي متاثر نه ڪيو وڃي.
وزيراعظم چيو ته عالمي سپلائي لائين متاثر ٿيڻ باوجود خليجي ملڪن جي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اسان جو فرض آهي. هن هدايت ڪئي ته خوراڪ جي برآمدات تيزي سان وڌايون وڃن ۽ طلب ۽ رسد جي مڪمل نگراني ڪئي وڃي. هن خبردار ڪيو ته فيصلن ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ذميوار عملدارن کان جوابدهي ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته برآمدات لاءِ 40 خوراڪ جون شيون منظور ڪيون ويون آهن، جن ۾ چانور، کنڊ، گوشت، پولٽري، کير جون شيون، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. برآمدات لاءِ ڪاروباري ڊيٽابيس تيار ڪيو ويو آهي ۽ هوائي ۽ بحري رستن کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته بندرگاهن تي ٽرانس شپمينٽ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ آف-ڊاڪ ٽرمينلز تي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، بندرگاهن تي ٽرانسپورٽ جا نرخ 60 سيڪڙو گهٽايا ويا آهن ۽ خام تيل کڻندڙ جهازن کي ترجيحي بنيادن تي لنگر انداز ڪيو پيو وڃي.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه اسحاق ڊار، وزير دفاع خواجه آصف، وفاقي وزير احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، رانا تنوير حسين، عطاء الله تارڙ، چوڌري جنيد انور ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

