وزيراعظم پاران انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي هر رانديگر لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان

Homeاهم خبروزيراعظم پاران انڊر...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان انڊر 19 ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ جي فاتح ٽيم ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم رانديگرن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم جي طرفان فاتح ٽيم جي اعزاز ۾ استقباليه رکيو ويو، جتي شهباز شريف پاڻ سڀني رانديگرن جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين پي سي بي محسن نقوي، وفاقي وزير ۽ ڪابينا جا رڪن به موجود هئا. 

وزيراعظم هر هڪ رانديگرن سان هٿ ملايو ۽ ڀارت خلاف شاندار ڪارڪردگي تي کين ساراهيو. ٽيم مينيجمينٽ جي هر ميمبر لاءِ به پنجويهه، پنجويهه لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو. شهباز شريف چيو ته توهان پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو آهي، ڀارت کي بدترين شڪست ڏيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ٽيم جي جوش ۽ جذبي سان کيڏڻ جو منظر يادگار هو، جنهن تي سمورا پاڪستاني فخر محسوس ڪن ٿا.

وزيراعظم رانديگرن کي چيو ته اميد آهي توهان ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکندا ۽ جلد ئي انڊر 19 ورلڊ ڪپ به پاڪستان آڻيندا. هن چيئرمين پي سي بي کي هدايت ڪئي ته رانديگرن جو مڪمل خيال رکيو وڃي ۽ کين هر سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم سمير منهاس کي بهترين ڪارڪردگي تي “هيرو” قرار ڏنو ۽ محسن نقوي کي پي سي بي جا معاملا سٺي نموني هلائڻ تي مبارڪباد ڏني.

استقباليي کان پوءِ رانديگرن جي اعزاز ۾ ماني جي دعوت رکي وئي، جتي وزيراعظم رانديگرن سان گڏ ويهي کاڌو کائو ۽ کين هر هڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. رانديگرن عزت افزائي تي وزيراعظم ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو.

بعد ۾ هيڊ ڪوچ شاهد انور پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هي عمل سترهن جون 2025 کان شروع ٿيو، جنهن ۾ ستر نوجوان رانديگرن جا ٽرائل ٿيا. انهن مان ٽيهه رانديگرن جو ڪيمپ لڳايو ويو ۽ مقصد صرف ايشيا ڪپ ۽ شائقين جا دل کٽڻ هو.

سرفراز احمد ٻڌايو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ سڀني رانديگرن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ٿيو، جيڪو سندن محنت جو نتيجو آهي. هن چيو ته وزيراعظم نوجوان رانديگرن جي وڏي حوصلا افزائي ڪئي ۽ سمير احمد ۽ عثمان خان جي شاندار شراڪت کي ساراهيو.

ڪپتان فرحان يوسف چيو ته مينيجمينٽ مڪمل سپورٽ ڏني، جنهن سان ٽيم ايشيا ڪپ کٽيو. هن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ انفرادي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس. سمير منهاس چيو ته پلان سادو هو، وڪٽ تي وقت گذارڻو هو ۽ ٽيم لاءِ رنز ڪرڻا هئا، ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪو دٻاءُ نه هو.

سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته رانديگرن وڏي ميچ ۾ وڏو اسڪور ڪيو، جيڪو ٽيم جي گڏيل بهترين ڪارڪردگي سان ممڪن ٿيو. هن چيو ته ڀارتي ٽيم جو رويو غير مناسب هو، پر اسان پنهنجي رانديگرن کي چيو ته رڳو سپورٽس مين اسپيرٽ ڏيکاريو ۽ پنهنجي ڪرڪيٽ کيڏيو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده...

دهشتگردي کي پاڪستان جي سرحدن...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، پر انهن...

هر شهري کي مذهب جي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ...

پاڪستان جلد قرضن کان نجات...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ان شاءَ الله اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});