اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، پر انهن کي پاڪستان جي سرحدن مان کڻي هندي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏينداسين. قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات دوران وزيراعظم ملڪ مان غربت، بيروزگاري، قرضن جي بار ۽ دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو.
وزيراعظم چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي اڄ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي. دهشتگردي جو ناسور ٻيهر فعال ٿي ويو آهي، خوارج، ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جو ڳٺ جوڙ دشمنن جي سهڪار سان سرگرم آهي، پر اسان ان کي مڪمل طور ختم ڪنداسين.
هن چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جي قيادت ۾ لکين قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو. تحريڪِ پاڪستان ۾ سڀني مذهبن، فڪر ۽ اقليتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۾ هر مذهب کي عبادت ۽ پنهنجا مذهبي رسما ادا ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. هر شهري کي پنهنجي محنت ۽ صلاحيت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جو حق آهي. الله پاڪ پاڪستان کي بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪڏهن انهن مان صحيح فائدو ورتو وڃي ته غربت، بيروزگاري ۽ قرضن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
شهباز شريف چيو ته مئي 2025 ۾ معرڪه حق ۾ افواجِ پاڪستان دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو هو ڪڏهن به نه وساريندو. اها ڪاميابي الله جي مدد، پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ 24 ڪروڙ عوام جي دعائن جو نتيجو هئي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ قوم وڏي فتح حاصل ڪئي.
وزيراعظم هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني فوج، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بي مثال قربانين سان ملڪ کي بچايو. جيئن 2018 ۾ دهشتگردي کي شڪست ڏني وئي هئي، اهڙي ئي عزم سان هن ڀيري به ان جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.
قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي ڪنوينر مولانا طاهر اشرفي چيو ته وزيراعظم جي اعتماد تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي. خيبرپختونخوا ۾ علما ۽ مشائخ جي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، ڪميٽي جا ميمبر سڄي ملڪ ۾ دورا ڪندا، سلامتي ادارن سان وقت گذاريندا ۽ بيانيي جي جنگ ۾ صفِ اول جو ڪردار ادا ڪندا.
شرڪت ڪندڙن چيو ته عالم سڳورا نظرياتي محاذ تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. انتهاپسندي ۽ فڪري دهشتگردي جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو ۽ پيغامِ پاڪستان کي تعليمي ۽ سماجي سطح تي عام ڪيو ويندو.

