سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

HomeFeatured Newsسول ۽ عسڪري...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري قيادت معيشت، توانائي منصوبابندي، خوراڪ جي تحفظ ۽ سلامتي پاليسين کي هڪجهڙو رکڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ عوامي مفاد کي مقدم رکندي موجوده معاشي ۽ توانائي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير محسن رضا نقوي، وزير خزانه محمد اورنگزيب، وزير توانائي علي پرويز ملڪ ۽ اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيما شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ ان جا پاڪستان جي معيشت تي اثرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن مهانگائي جي دٻاءَ کي گهٽائڻ، توانائي جي بچت ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. وزيرن پاران اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته تيل جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ مهانگي تيل جي ٻين شعبن تي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ بچت جا قدم جاري آهن.

اجلاس ۾ خطي جي مجموعي صورتحال ۽ ان جا پاڪستان جي سلامتي، معيشت ۽ خوراڪ جي نظام تي اثرات تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته قومي سطح تي مربوط حڪمت عملي اڻٽر آهي. گڏيل راءِ سان اهو طئي ڪيو ويو ته ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌايو وڃي ۽ عوام کي تيل جي گهٽ استعمال، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪار شيئرنگ جهڙا قدمن  لاءِ آگاهي ڏني وڃي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف صدر کي خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ ثالثي جي معاملن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. گڏيل مشاورت ۾ قومي سلامتي، سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان طرفان ممڪن ڳالهين جي ميزباني بابت به اهم صلاح مشورا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته حڪومت جا سڀ فيصلا عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيا ويندا ۽ موجوده چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هارين جي خوشحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ زرعي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});