تهران (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس جي رپورٽ موجب، اها تجويز هڪ آمريڪي عهديدار ۽ ٻين ذريعن جي حوالي سان سامهون آئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران پهرين مرحلي ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ ۽ جنگبندي ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته جوهري ڳالهين کي بعد ۾ رکڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، ايران اهو پيغام پاڪستان جي ذريعي آمريڪا تائين پهچايو، جيڪو هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي رابطا قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آبنائي هرمز کولڻ ۽ بندرگاهن تي آمريڪي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو معاهدو ٿي وڃي ٿو، ته آمريڪي صدر ٽرمپ وٽ ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جا محدود آپشن رهجي ويندا، خاص طور تي يورينيم افزودگي جي پروگرام بابت اڳڀرائي مشڪل ٿي پوندي.
امريڪا جي خواهش آهي ته ايران گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سالن لاءِ يورينيم افزودگي معطل ڪري، پر ايران جي نئين تجويز ۾ اهو معاملو شامل نه آهي، جنهن سبب ڳالهين ۾ وڌيڪ پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
هي اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن نار ۾ تڪرار پنهنجي عروج تي آهي ۽ عالمي معيشت تي ان جا اثر وڌي رهيا آهن.

