ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڇتي بمباري، تهران ۽ ڪرج ۾ وڏا ڌماڪا

HomeFeatured Newsايران تي آمريڪا...

ايران ۾ آمريڪي منصوبا ناڪام، ٽرمپ جو وينزويلا ماڊل ڪم نه آيو

برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران ۾ فوجي حڪمت عملي ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هن وينزويلا وارو ماڊل آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ وينزويلا ۾ نائب صدر ڊيلسي روڊريگِز کي نئون اڳواڻ بڻائڻ وارو تجربو ايران ۾ به ورجائڻ چاهيو، جيئن آمريڪي پسنديده قيادت قائم ٿي سگهي.

پر ايران ۾ نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنئي جي چونڊ ٽرمپ جي خواهش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايران جا مذهبي ۽ عسڪري ادارا اڃا تائين اقتدار تي مضبوط گرفت رکن ٿا ۽ آمريڪي مداخلت لاءِ ڪو واضح رستو موجود ناهي.

اخبار وڌيڪ لکي ٿو ته وائٽ هائوس اڳوڻي شاهه جي پٽ رضا پهلوي جي قيادت جي خواهش کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ايران ۾ ڪنهن عملي شخص ذريعي آمريڪي پسنديده حڪومت قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي.

رپورٽ ۾ ايران جنگ جي فوري اقتصادي اثرن تي به روشني وڌي وئي آهي، جن ۾ عالمي تيل ۽ گيس جون وڌندڙ قيمتون شامل آهن، جيڪي وائيٽ هائوس تي اندروني سياسي دٻاءُ وڌائي رهيون آهن.

اخبار موجب، ممڪن آهي ته اسرائيل نوجوان مجتبيٰ خامنئي کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري، پر ايران جي موجوده قيادت اڃا تائين اقتدار ۾ مضبوط بيٺل آهي.

ڇا اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو مارجي ويو؟ ايران جي وڏي دعويٰ

ايراني خابرو ايجنسي تسنيم نيوز هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو زخمي يا مري سگهن ٿا، پر هن دعويٰ جي حق ۾ ڪو به پڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، نيتن ياهو جون نيون ويڊيوز سامهون نه اچڻ، سندن رهائشگاهه جي چوڌاري سخت سيڪيورٽي، ۽ ڪجهه سفارتي ملاقاتن جي ملتوي ٿيڻ سبب شڪ ۽ شبها پيدا ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ اڳوڻي آمريڪي انٽيليجنس آفيسر اسڪاٽ رِٽر جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن چيو ته ايران نيتن ياهو جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن ڀاءُ مارجي ويو. بحرحال، تسنيم نيوز پاڻ به تسليم ڪيو ته هن دعويٰ جي ڪا سرڪاري تصديق يا ترديد موجود ناهي.

ٻئي طرف، دستياب معلومات موجب نيتن ياهو 6 مارچ تي بيرشيبا ۾ هڪ حملي جي جاءِ جو دورو ڪيو هو ۽ 7 مارچ تي سرڪاري بيان جاري ڪيو هو، جنهن مان سندن موجودگي جي تصديق ٿئي ٿي.

اسرائيلي اختيارين اهڙين دعوائن کي اڳ به “جعلي خبرون” قرار ڏئي چڪيون آهن. تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جنگي حالتن ۾ اڪثر نامڪمل معلومات ۽ افواهن کي بنياد بڻائي سازشي نظريا ڦهلايا ويندا آهن.

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڇتي بمباري، تهران ۽ ڪرج ۾ وڏا ڌماڪا

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران جي گادي واري شهر تهران تي ڇتي بمباري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي حملا ايران تي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان وڏي بمباري قرار ڏني پئي وڃي. ڪرج شهر ۾ به طاقتور ڌماڪن کان پوءِ آسمان روشني سان ڀرجي ويو.

ٻئي پاسي، لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسرائيلي شهر صفد ۾ موجود هڪ ڊرون ڪنٽرول بيس کي ميزائل سان نشانو بڻايو، جڏهن ته يفتاح بيرڪس تي به راڪٽ هنيا ويا.

بحرين ۾ هڪ هوٽل جي عمارت سان ڊرون ٽڪرائڻ سبب عمارت ۾ باهه لڳي وئي.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي بيان ۾ چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو ايجنڊه ناهي. هن واضح ڪيو ته جيستائين ضروري ٿيندو، ايران ميزائل حملا جاري رکندو.

پيوٽن جو ٽرمپ کي ايران سان جنگ ختم ڪرڻ جو مشورو

ميڊيا رپورٽن موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ايران سان جاري جنگ ۽ خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ڪريملن جي پرڏيهي پاليسي جي معاون يوري اوشاڪوف مطابق، هن ڳالهه ٻولهه دوران صدر پيوٽن ٽرمپ کي جنگ جي خاتمي لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي تڪرار، وينزويلا جي صورتحال ۽ عالمي تيل مارڪيٽ تي به خيالن جو ڏي وٺ ڪئي وئي.

صدر پيوٽن اڳ ۾ به چيو هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ عالمي توانائي بحران کي جنم ڏنو آهي.

انهيءَ دوران روسي صدر ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنئي کي مبارڪن جو پيغام موڪليو. پنهنجي پيغام ۾ پيوٽن چيو ته موجوده حالتن ۾ ايران کي مضبوط قيادت جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته مجتبيٰ خامنئي پنهنجي والد جي مشن کي وقار سان اڳتي وڌائيندا ۽ مشڪل حالتن ۾ قوم کي متحد رکندا.

ايران جنگ ۾ آمريڪا طرفان صرف ٻن ڏينهن ۾ 5.6 ارب ڊالر جا هٿيار استعمال، واشنگٽن پوسٽ

آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب پينٽاگون ايران خلاف جنگ جي ابتدائي ٻن ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 5.6 ارب ڊالر ماليت جا هٿيار ۽ گولا بارود استعمال ڪيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوج مختصر وقت ۾ وڏي مقدار ۾ جديد ۽ مهانگا هٿيار استعمال ڪيا، جنهن تي آمريڪي ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي آهي. سندن چوڻ آهي ته فوج پنهنجا انتهائي جديد ۽ محدود ذخيرا تيزي سان ختم ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪا وٽ اهم جنگي هٿيارن جو لامحدود ذخيرو موجود آهي.

آمريڪي فوجي ڪمانڊ سينٽر سينٽڪام موجب، آمريڪا ايران ۾ اڃا تائين 5 هزار هدفن کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته حملن دوران ايران جا لڳ ڀڳ 50 جنگي جهاز تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا آهن.

هي انڪشاف عالمي سطح تي توانائي بحران ۽ خطي ۾ وڌندڙ تڪرار بابت وڌيڪ خدشن کي جنم ڏئي رهيو آهي.

بحرين ۾ موساد لاءِ جاسوسي ڪندڙ ڀارتي شهري گرفتار

بحرين جي انٽيليجنس ايجنسي هڪ ڀارتي شهري کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن تي الزام آهي ته هو اسرائيلي خفيه ايجنسي موساد کي حساس معلومات پهچائي رهيو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب گرفتار شخص جي سڃاڻپ نتن موهن جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنيئر آهي. شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ٿيو آهي ته هن حساس جغرافيائي معلومات، تصويرون ۽ وڊيوز موساد کي فراهم ڪيون، جن ۾ اهم ۽ اسٽريٽجڪ هنڌن جا تفصيل شامل هئا.

بحرين جي گهرو وزارت گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته فني ۽ تحقيقاتي تفصيل اڃا تائين عوام سان شيئر نه ڪيا ويا آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته وڌيڪ حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ تفصيل جاري ڪيا ويندا.

آمريڪي ۽ اسرائيلي سفيرن کي ملڪ مان ڪڍندڙ ملڪن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت آهي: ايران جو اعلان

ايران جي پاسدارانِ انقلاب هڪ اهم بيان ۾ چيو آهي ته جيڪي ملڪ آمريڪا ۽ اسرائيل جي سفيرن کي پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏيندا، انهن کي آبنائي هرمز استعمال ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏني ويندي. ترجمان موجب اهڙن ملڪن کي اڄ کان ئي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت حاصل هوندي.

پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن کي بي معنيٰ قرار ڏيندي چيو ته جنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ايران ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ سلامتي يا ته سڀني لاءِ هوندي يا ڪنهن لاءِ به نه. ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران تي حملا جاري رهيا ته خطي مان هڪ ليٽر تيل به برآمد ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

ٻئي پاسي صدر ٽرمپ ريپبلڪن ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ضرورت پوڻ تي آمريڪي بحريه آبنائي هرمز ۾ جهازن جي حفاظت ڪندي. هن اڳ به چيو هو ته آمريڪي نيوي ڪمرشل جهازن سان گڏ آبنائي هرمز ۾ مقرر ٿي سگهي ٿي.

ٽرمپ جي بيان کان پوءِ پاسدارانِ انقلاب کيس چيلنج ڪندي چيو ته جيڪڏهن همت آهي ته آبنائي هرمز ۾ تيل بردار جهازن جي حفاظت لاءِ آمريڪي بحري جهاز تعينات ڪري ڏيکاريو.

ايران جا عرب ملڪن تي 2000 ڊرون ۽ 500 ميزائل حملا، نيويارڪ ٽائمز

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب ايران جنگ جي شروعات کان وٺي عرب ملڪن ۾ مختلف هدفن تي لڳ ڀڳ 2000 ڊرونز ۽ 500 ميزائل هنيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ايران جا ميزائل ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، پر تازن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حملي جي شدت ۾ ڪا نمايان گهٽتائي نه آئي آهي.

اخبار موجب اسرائيل طرفان ايران تي ڪيل حملن جا مڪمل تفصيل اڃا تائين سامهون نه آيا آهن.

ٻئي طرف ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن تل ابيب تي 10 “خيبر شڪن” ميزائل هنيا آهن. ترجمان موجب، ايران اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو هو ته والاريل فلسطين ۾ سائرن جو آواز بند نه ٿيندو.

ايراني فوج اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي بحريه جي هڪ جهاز کي “خيبر شڪن” ميزائل سان نشانو بڻايو آهي، پر هن دعويٰ جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ٽرمپ جي ايران کي نئين قيادت کي به مارڻ جي ڌمڪي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ريپبلڪن ميمبرن جي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ايران خلاف انتهائي سخت ۽ جارحاڻو موقف اختيار ڪيو. هن چيو ته ايران ۾ جيڪا به نئين قيادت سامهون آئي، ان کي ختم ڪيو ويو ۽ ايندڙ قيادت کي به ماريو ويندو.

ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران خلاف وڏا فوجي آپريشن ڪري رهيا آهن، جن ۾ ايران جي عسڪري صلاحيت کي شديد نقصان پهچايو ويو آهي. سندس مطابق آمريڪي فوج ايران جا پنج هزار هدف نشانو بڻايا ۽ 51 جنگي جهاز تباهه ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته ايران جا بحري جهاز هاڻي سمنڊ جي تري ۾ آهن ۽ ايران جي ڊرون ۽ ميزائل صلاحيت به وڏي حد تائين ختم ٿي وئي آهي.

صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هي آپريشن نه ڪري ها ته ايران ٻن هفتن اندر ايٽم بم حاصل ڪري وٺي ها، جيڪو دنيا لاءِ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ها. هن دعويٰ ڪئي ته دنيا هن وقت هڪ وڏي فوجي آپريشن “ايپڪ فيوري” کي ڏسي رهي آهي، جيڪو سندس بقول “مڊنائٽ هيمر” کان به وڌيڪ مؤثر ثابت ٿي رهيو آهي.

ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پهرين مدت ۾ هن آمريڪي فوج کي مضبوط ڪرڻ تي ڪم ڪيو، جڏهن ته ٻي مدت ۾ هن طاقت جو مڪمل استعمال ڪيو پيو وڃي. هن آمريڪي فوج کي دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج قرار ڏيندي چيو ته هاڻي سڄي دنيا ان جو اندازو ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هاڻي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ بااثر ٿي چڪو آهي ۽ تيزي سان آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻايو پيو وڃي. ٽرمپ اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي دور جو حوالو ڏيندي افغانستان مان آمريڪي فوجي انخلا کي آمريڪي تاريخ جو شرمناڪ مرحلو قرار ڏنو ۽ چيو ته ان فيصلي آمريڪا جي ساک کي نقصان پهچايو، پر هاڻي دنيا اڳ کان وڌيڪ آمريڪا جي عزت ڪري رهي آهي.

خامنئي جي پٽ کي سپريم ليڊر بڻائڻ وڏي غلطي آهي: ٽرمپ جي ايران جي نئين قيادت تي تنقيد

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي نشرياتي اداري اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ايران اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنئي جي وفات کان پوءِ سندن پٽ مجتبيٰ خامنئي کي نئون رهبر چونڊي وڏي غلطي ڪئي آهي. ٽرمپ جو چوڻ هو: “منهنجو خيال آهي ته ايران تمام وڏي غلطي ڪئي آهي.” جڏهن ان کان پڇيو ويو ته هن غلطي جا نتيجا ڇا ٿيندا، ته هن جواب ڏنو: “ڏسون ٿا.”

ٽرمپ اڳ به مجتبيٰ خامنئي کي هڪ “ڪمزور شخصيت” قرار ڏئي چڪو آهي ۽ چيو هو ته هو ايران جي قيادت لاءِ موزون ناهي.

انٽرويو دوران جڏهن ايران جي تيل تي ممڪن آمريڪي قبضي بابت سوال ڪيو ويو ته ٽرمپ چيو ته هن وقت ان بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ آهي، پر هن اهو امڪان مڪمل طور رد به نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايران سان جاري تڪرار ۽ ان جي ايٽمي پروگرام جي پس منظر ۾ آمريڪا سڀني ممڪن آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.

حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ لبنان جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا: شامي صدر جو اعلان

فرانسيسي خابرو اداري موجب شام جي صدر احمد الشراع يورپي اڳواڻن سان ويڊيو ڪانفرنس دوران چيو آهي ته سندس ملڪ لبنان جي صدر جوزف عون جي موقف سان گڏ بيٺو آهي ۽ حزب الله کي غير مسلح ڪرڻ جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.

شامي صدر وڌيڪ وضاحت ڪئي ته شام خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي لبنان سان ملندڙ سرحد تي پنهنجون دفاعي فورسون مضبوط ڪري ڇڏيون آهن، جيئن جنگ جا اثر شام جي سرزمين تائين نه پکڙجن. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ فوجي تعينات جو مقصد سرحد پار سرگرم تنظيمن کي روڪڻ ۽ شام جي زمين کي ڪنهن به عسڪري ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ کان بچائڻ آهي.

ان کان اڳ لبناني صدر جوزف عون چيو هو ته اسرائيل ڏانهن راڪٽ فائر ڪرڻ جو فيصلو ڪري حزب الله لبنان کي تباهي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي. سندس مطابق حزب الله جا جارحاڻا قدم ملڪ کي وڏي جنگ ۾ ڌڪي سگهن ٿا، جنهن جا سنگين نتيجا سڄي لبنان کي ڀوڳڻا پوندا.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});