ڪيترائي جهاز ايران جي طرف وڌي رهيا آهن، ايران تي ويجهي نظر رکي وئي آهي: ٽرمپ
واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هڪ وڏي بحري ۽ فضائي فوجي طاقت ايران ڏانهن رواني ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جنگي بحري جهاز ۽ طيارا شامل آهن۔
صدر ٽرمپ ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي جهاز ايران جي طرف وڌي رهيا آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪا لازمي طور تي فوجي ڪارروائي ڪندو۔ هن وضاحت ڪئي ته ايران تي ويجهي نظر رکي وئي آهي ۽ احتياطي طور تي فوجي طاقت ايران جي ويجهو مقرر ڪئي پئي وڃي۔
امريڪا جي وڏي سامونڊي ۽ هوائي فوجي طاقت ايران ڏانهن روانيhttps://t.co/vnjoFXHiiN#USMilitary #IranConflict #DonaldTrump #FighterJets #MiddleEastTensions #NuclearWeapons #dailymisal #Breaking #Iranupdate pic.twitter.com/JfZTxyxvr4
— Daily Misal News (@dailymisalnews) January 23, 2026
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڦاسون ڏنيون ويون ته ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن بعد ايران ڦاسون ملتوي ڪري ڇڏيون۔ صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو ته آمريڪا به تيار آهي، پر جيڪڏهن ايران نيوڪليئر هٿيار ٺاهيا ته ٻيهر حملو ڪيو ويندو۔
ان کان علاوه، آمريڪي صدر چيو ته يوڪريني جنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن، گرين لينڊ جي سيڪيورٽي لاءِ نيٽو سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، اپريل ۾ هو چين جو دورو ڪندو ۽ سال جي آخر ۾ چيني صدر آمريڪا ايندو۔

