تهران: ايران جي پاسداران انقلاب گارڊز جي سربراهه جنرل محمد پاڪپور واضح ڪيو آهي ته ايران تي ڪنهن به ممڪن حملي جي صورت ۾ فوري ردعمل ڏنو ويندو، ۽ ايران مڪمل طور تي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي۔
ايراني ميڊيا موجب ميجر جنرل پاڪپور چيو ته دشمنن کي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي، اسان جو هٿ هٿيارن جي ٽريگر تي آهي ۽ ڪنهن به حملي جو جواب ڏنو ويندو۔ هن وڌيڪ خبردار ڪيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران جي طاقت بابت غلط اندازا لڳائڻ جو نتيجو انهن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو۔
جنرل پاڪپور جو چوڻ هو ته 12 ڏينهن واري جنگ کان پوءِ دشمنن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو اندازو ٿي ويو هوندو ته ايران تي حملو ڪرڻ جي صورت ۾ کين سخت ۽ ڏکيو صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جو کين بعد ۾ پڇتاو ٿيندو۔
هن وڌيڪ چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ ايراني فوجون هاڻي وڌيڪ تيار ۽ مضبوط آهن، ۽ جيڪڏهن صهيوني رياست يا آمريڪا ڪا سازش ڪئي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو۔
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايران جي طرف وڏي فوجي نفري رواني ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جنگي بحري جهاز ۽ جنگي طيارا شامل آهن، ۽ اها فوج احتياطي طور تي ايران جي ويجهو تعينات ڪئي پئي وڃي۔

