مينگوره (نمائنده خصوصي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته جيڪڏهن وادي تيراه کي خالي ڪرڻ وارو وفاقي نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو ته هو آفريدي قوم جو جرگو ۽ پوءِ پوري پختون قوم جو جرگو گهرائيندو.
اسٽريٽ موومنٽ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن ۾ لکيل آهي ته تيراه جا متاثر پاڻمرادو لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهو نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو ۽ معافي نه گهري وئي ته هو متاثرن کي پاڻ تيراه واپس وٺي ويندو.
وزيراعليٰ چيو ته کيس هٽائڻ لاءِ ٽي آپشن ڏنا ويا آهن، صوبي ۾ گورنر راج لڳايو وڃي، کيس نااهل ڪيو وڃي يا کيس قتل ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردن سان لاڳاپي جو بيانيه ناڪام ٿيو ته تيراه ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن لاءِ 24 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي.
سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته اسان فوجي جوانن جي جنازن ۾ شرڪت ڪئي، پر پوءِ اسان کي نه سڏيو ويو، هن چيو ته نئون نوٽيفڪيشن عوام کي پاڻ تيراه ڇڏڻ وارو ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي، پر حقيقت ۾ ماڻهن کي زبردستي ڪڍيو پيو وڃي.
وزيراعليٰ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو ۽ معافي نه گهري وئي ته هو پوري پختون قوم جو جرگو گهرائيندس.

