واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وزيرِاعظم محمد شهباز شريف واشنگٽن ۾ بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان غير رسمي ۽ خوشگوار ملاقاتون ڪيون.
تفصيل موجب وزيرِاعظم جي ملاقات بحرين جي فرمانروا شاهه حماد بن عيسي الخليفه، آذربائيجان جي صدر الہام علييئف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزاييوف، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪاييف ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبينتو سان ٿي.
وزيرِاعظم شهباز شريف واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ جي دعوت تي بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيو۔
پاڪستان جي بورڊ آف پيس ۾ شموليت غزه ۾ امن جي قيام، ٻيهر تعمير، عالمي امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ سفارتي پاليسي جي وڌندڙ ڪاميابين جي عڪاسي ڪري ٿي.

