ڊيوس (ويب ڊيسڪ) ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڏانهن اشارو ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ٿي وئي.
سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس ۾ بورڊ آف پيس جي چارٽر تي صحيح ڪرڻ جي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي. رپورٽن موجب پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت تقريب ۾ عالمي اڳواڻن جي توجهه جو مرڪز بڻجي وئي.
تقريب دوران صدر ٽرمپ خاص طور تي فيلڊ مارشل عاصم منير ڏانهن اشارو ڪندي مسڪراهٽ سان آجيان ڪئي، جنهن جو منظر سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويو.
پاڪستان آمريڪا جي دعوت قبول ڪندي غزه امن معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جو 56 هون اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ آمريڪا طرفان غزه ۾ امن لاءِ گزا بورڊ آف پيس جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه موجود هئا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به چارٽر تي صحيح ڪندڙن ۾ شامل هو. صدر ٽرمپ اعلان ڪيو ته بورڊ آف پيس جو مقصد عالمي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ مؤثر پليٽفارم فراهم ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته 59 ملڪ وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ شامل آهن ۽ ڪيترائي عالمي اڳواڻ هن فورم جو حصو بڻجڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.
بعد ۾ صدر ٽرمپ چارٽر تي صحيح ڪري دستاويز ميڊيا آڏو پيش ڪيا، جنهن کان پوءِ ٻين ملڪن جا سربراهه ۽ وزيراعظم شهباز شريف به صحيح ڪري ڇڏي.

