ڊيوس (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ خطاب ڪندي بورڊ آف پيس جي شروعار ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي 20 عالمي اڳواڻن ڪئي آهي.
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اقتدار ۾ واپسي کان پوءِ آمريڪا اٺ جنگين جو خاتمو ڪيو آهي ۽ موجوده پرڏيهي پاليسي سبب عالمي سطح تي تڪرارن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهڻي گهٽتائي آئي آهي.
ايران بابت ڳالهائيندي هن گذريل سال جون ۾ آمريڪي حملي کي ساراهيو، جنهن سان سندس دعويٰ موجب ايران جي ايٽمي صلاحيت مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي.
شام ۾ داعش خلاف آمريڪي ڪارروائين جو حوالو ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته خطي ۾ مثبت تبديليون اچي رهيون آهن ۽ يورپ، آمريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي خطرا گهٽجي ويا آهن.
ان موقعي تي صدر ٽرمپ عالمي فورم ’بورڊ آف پيس‘ جو باضابطه اعلان ڪيو، جنهن جو مقصد عالمي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ مؤثر پليٽفارم فراهم ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته 59 ملڪ وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ شامل آهن ۽ ڪيترائي عالمي اڳواڻ هن فورم جو حصو بڻجڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.
بعد ۾ صدر ٽرمپ ڊيواڍس ۾ چارٽر تي صحيح ڪئي، جنهن ۾ بحرين ۽ مراڪش جا اڳواڻ به موجود هئا. دستايزن تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ ٻين عالمي اڳواڻڻ به واري واري سان صحيحون ڪيون.
غزه بابت ڳالهائيندي صدر ٽرمپ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حماس هٿيار نه ڦٽا ڪيا ته صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي. هن واضح ڪيو ته آمريڪا گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ادارن سان گڏ ڪم جاري رکندو.

