تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته قومي سلامتي جو سيڪريٽري علي لاريجاني پنهنجي پٽ مرتضيٰ سميت اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.
بسم الله الرحمن الرحیم
ملت عزیز و سربلند ایران!
الشعوب المسلمة وأحرار العالم:
«بندهی خدا، به خدا پیوست.»
لقد لحق عبدٌ من عباد الله بربّه شهيدًا. pic.twitter.com/G1kZUqbg1L— Ali Larijani | علی لاریجانی (@alilarijani_ir) March 17, 2026
ان کان اڳ علي لاريجاني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هٿ سان لکيل پيغام جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو هو. اسرائيل گذريل ڏينهن دعويٰ ڪئي هئي ته هن علي لاريجاني ۽ بَسيج فورس جي ڪمانڊر غلام رضا سليماني کي نشانو بڻايو آهي.
ان کان اڳ پاسدارانِ انقلاب به ايران جي بَسيج فورس جي ڪمانڊر غلام رضا سليماني جي شهادت جي تصديق ڪئي هئي ۽ چيو هو ته بَسيج فورس جي ڪمانڊر جي شهادت کان پوءِ هو رت جو بدلو وٺڻ جي جذبي کان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا.
عرب ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته انفرادي طور تي اڳواڻن جي شهادت سان نظام کي لوڏو نه ڏئي سگهجي ٿو، هي هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو ادارن تي قائم آهي۔ سڀ کان اهم شخص سپريم ليڊر آهن، ۽ اسان جي سپريم ليڊر جي شهادت جي باوجود به نظام تي ڪو فرق نه پيو.

