ايران جو سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد، پاسداران انقلاب پاران بدلي جو  اعلان

HomeFeatured Newsايران جو سپريم...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملي کان پوءِ ايران طرفان به جوابي حملا جاري آهن، پر اسرائيل جي تازي حملي ۾ ايران جو سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد ٿي ويو، جنهن جي تصديق ايران جي سرڪاري ميڊيا ڪئي آهي.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، شهادت جي وقت سپريم ليڊر پنهنجي آفيس ۾ موجود هئا۔ ايران ۾ 40 ڏينهن جو سوڳ ۽ 7 ڏينهن جي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي۔

آيت الله خامنه اي جي شهادت تي عراق جي مقدس روضن تي انقلاب جي علامت طور ڳاڙهيون بتيون روشن ڪيون ويون۔ رپورٽن موجب، مشهد ۾ حرم امام رضا جي گنبذ تي ڪارو جهنڊو لڙڪايو ويو، جيڪو روايتي مذهبي سوڳ جي علامت آهي۔

مشهد ۾ سوڳ جو ماحول آهي ۽ عوام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا آهن۔ حرم امام رضا مان جاري ٿيل وڊيو ۾ ڪيترائي ماڻهو ڏک ۾ نڊھال ٿي زمين تي ويٺل نظر اچن ٿا۔

ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته جلد ئي ايران جي تاريخ جو سڀ کان تباهه ڪن ۽ جارحاڻو آپريشن شروع ٿيندو.

ايراني رياستي ٽي وي علي شمخاني ۽ پاسداران انقلاب اسلامي جي ڪمانڊر پاڪپور جي شهادت جي به تصديق ڪئي آهي۔ بريگيڊيئر جنرل احمد وحيدي کي نئون ڪمانڊر ان چيـف مقرر ڪيو ويو آهي۔

ان کان اڳ ايران جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته حملي ۾ سپريم ليڊر جي ڌيءَ، نياڻي، داماد ۽ ٻهُ شهيد ٿيا.

عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ٽرمينل 3 ۾ دونهن ڀرجي ويو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو زخمي ٿيا۔

ساڳئي وقت ايران اسرائيل تي به حملو ڪيو، جنهن ۾ تل ابيب ۾ وزارت دفاع جي عمارت کي نشانو بڻايو ويو. حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 21 زخمي ٿيا۔

اسرائيلي وزيراعظم دعويٰ ڪئي آهي ته حملي ۾ سپريم ليڊر خامنه اي ۽ ٻين اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو ۽ سندن خفيه ڪمپائونڊ مڪمل طور تباهه ڪيو ويو۔

ان کان پوءِ آمريڪي صدر به چيو آهي ته آيت الله خامنه اي هاڻي زنده نه رهيو، ۽ ايراني عوام کي اپيل ڪئي ته هو اڳتي وڌي پنهنجو ملڪ حاصل ڪن.

وچ اوڀر جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال سبب گڏيل قومن ۾ سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ روس ۽ چين سميت ڪيترن ئي ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي.

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته آيت الله خامنه اي جي شهادت جي في الحال تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ٻئي طرف ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سپريم ليڊر محفوظ آهن.

اسرائيلي وزير دفاع چيو آهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا ۽ اسرائيل گڏيل حملو ڪيو، جنهن ۾ آمريڪي فضائيه حصو ورتو۔ حملي کان پوءِ تهران ۾ 3 زورائتا ڌماڪا ٻڌا ويا.

بوشهر تي به حملي جون خبرون آهن ۽ ان کان پوءِ ايراني نيوي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوه، لڳ ڀڳ 20 آمريڪي ۽ اسرائيلي فائٽر جيٽس شام جي علائقي دارا مٿان پرواز ڪندي ايران ڏانهن روانا ٿيا.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

پاسداران انقلاب پاران ايف...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون...

قومي سلامتي جو سيڪريٽري علي...

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته قومي سلامتي جو سيڪريٽري علي لاريجاني پنهنجي پٽ مرتضيٰ سميت اسرائيلي...

تهران: ايراني جهاز ٻوڙڻ جي...

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته آمريڪي فوج ايران جي بحريه...
spot_img

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...

ايران جي فوجي قيادت ٽرمپ جي ڳالهين جي دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو، سخت پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي فوجي قيادت آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ايران جي مرڪزي...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});