تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته آمريڪي فوج ايران جي بحريه جو جنگي جهاز آءِ آر آءِ ايس ڊينا کي ڊبويو آهي، جيڪو سمنڊ ۾ هڪ سنگين ظلم آهي ۽ ان جا نتيجا آمريڪا کي ڀوڳڻا پوندا.
عراقچي سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته آمريڪي ڪارروائي ايران جي ساحل کان لڳ ڀڳ ٻه هزار ميل پري بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته ايران جو فريگيٽ جهاز ڊينا ان وقت ڀارتي بحريه جو مهمان هو ۽ ان تي لڳ ڀڳ 130 ملاح سوار هئا، پر آمريڪي حملي کان اڳ ڪا به اڳواٽ اطلاع نه ڏني وئي.
ايران جي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته آمريڪا سمنڊ ۾ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪئي آهي ۽ سندس دعويٰ موجب آمريڪا کي هن قدم تي سخت پڇتاڻو ٿيندو.

