اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيھي آفيس جي ترجمان چيو آھي تھ قطر تي اسرائيلي حملو عالمي قانون جي خلاف ورزي آھي، پاڪستاني قوم ڀائر ملڪ قطر سان گڏ آھي.
پرڏيھي آفيس جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو تھ پاڪستان غزھ ۾ اسرائيلي ظلم جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان فلسطين ڇڪتاڻ جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب چاھي ٿو.
ھن چي تھ وزيراعظم شھباز شريف اسرائيلي جارحيت خلاف قطر جو بنگامي دورو ڪيو، پاڪستاني قوم ڀائر ملڪ قطر سان گڏ آھي. قطر تي اسرائيلي حملو عالمي قانون جي خلاف ورزي آھي، پاڪستان ۽ صوماليھ جي دروخواست تي ھنگامي اجلاس گھراييو ويو.
ترجمان وڌيڪ چيو تھ قطر تي اسرائيلي حملي سان بابت پاڪستان جو ردعمل واضح آھي، پاڪستان حملي جي مذمت ڪري ٿو ۽ قطر سان يڪجھتي جو اظھار ڪري ٿو، پاڪستان ھڪ ذميوار ملڪ آھي ۽ بچاءُ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، ڪنھن بھ مس ايڊوينچر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
پرڏيھي ترجمان چيو تھ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير پاڪستان جو دورو ڪيو جنھن ۾ مختلف ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٻھ طرفھ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ترجمان چيو تھ غيرقانوني ماڻھن بابت ھڪ ملڪ پاليسي بڻائي رھيو آھي، برطانيھ پاران پاڪستان کي ڪنھن فھرست ۾ شامل ناھي ڪيو ويو، پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ڪيترائي معاھدا آھن.

