نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ آمريڪي مستقل نمائندي دورٿي شيا چيو آهي ته صدر ٽرمپ قطري وزيراعظم کي پَڪ ڏياري آهي ته اسرائيلي حملي جهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو.
قطر ۾ حماس جي اڳواڻن تي اسرائيلي حملي واري معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڊورٿي شيا چيو ته صدر ٽرمپ امير قطر ۽ قطري وزيراعظم ٻنهي کي يقين ڏياريو آهي ته اهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو.
هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته غزا مان سمورا يرغمالي آزاد ٿين ۽ جنگ ختم ٿئي، ڇو ته اهو امن ڏانهن هڪ موقعو ٿي سگهي ٿو، آمريڪا يرغمالين جي آزادي، جنگ جي خاتمي ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندو رهندو.
ٽرمپ قطري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي آهي ته اسرائيلي حملي جهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو؛ دورٿي شيا
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

