چينگ ڊو (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري تي چينگ ڊو پهچي ويو، جتي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ سيچوان جي نائب گورنر هوانگ ريشيا سندس آجيان ڪئي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان موجب،پاڪستاني سفير خالد هاشمي ۽ چيني سفير جيانگ زي ڊونگ به موقعي تي موجود هئا،ان دوري لاءِ چيني سفير به خاص طور چينگ ڊو پهتو.
ايوان صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مقرر ٿيل چيني سفير صدر جي دوري دوران ساڻس گڏ هوندو.
چين جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري چيني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪ–چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت ڳالهيون ٿينديون.
صدر آصف علي زرداري ڏهن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چينگ ڊو پهچي ويو
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

