تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فلسطيني اولهندي ڪناري ۾ تڪراري آبادڪاري جي منظوري واري منصوبي تي صحيح ڪري ڇڏي.
عرب ميڊيا موجب، نيتن ياهو نئين منصوبي تي صحيح ڪندي ٻه رياستي حل ڏانهن وڃڻ ۽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي هن چيو ته ” هيءَ ڌرتي اسان جي آهي ۽ اسان پنهنجو واعدو پورو ڪري رهيا آهيون ته هتي ڪا به فلسطيني رياست نه ٺهندي.“
رپورٽ موجب، منصوبي تحت اسرائيلي آبادڪارن لاءِ 3400 نوان گهر اڏيا ويندا، جن ذريعي بيت المقدس کي اولهندي ڪناري جي وڏي حصي کان ڌار ڪيو ويندو ۽ اسرائيلي وسندين کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو.
ٻئي پاسي غزا ۾ اسرائيلي فوجي ظلم جاري آهي، جتي شديد بمباري سبب وڌيڪ 72 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته بک وگهي وڌيڪ 5 فلسطينن دم ڏئي ڇڏيو.
اولهندي ڪناري آبادڪاري منصوبو:هيءَ ڌرتي اسان جي آهي ۽ هتي ڪا به فلسطيني رياست نه ٺهندي؛ نيتن ياهو
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

