ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ هڪ نئين مانيٽري پاليسي جاري ڪئي آهي جنهن ۾ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکي وئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. جنهن ۾ وياج جي شرح بابت فيصلو ڪيو ويو.
اسٽيٽ بينڪ موجب، وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

