اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي ڪم کان روڪي ڇڏيو
اسلام آباد (بيورو) جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مبينا جعلي ڊگري ڪيس ۾ هڪ اهم پيش رفت ٿي آهي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عدالتي ڪم کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي تائين کيس ڪم کان روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن رڪني بينچ جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان هڪ اهم حڪم ڏنو ۽ مبينا جعلي ڊگري ڪيس ۾ ٻه عدالتي مددگار پڻ مقرر ڪيا. سينئر وڪيل بئريسٽر ظفرالله خان ۽ اڳوڻو اٽارني جنرل اشتر اوصاف عدالتي مددگارن ۾ شامل آهن. عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي. اٽارني جنرل کان ڪيس جي قابل قبوليت بابت مدد طلب ڪئي وئي آهي. عدالت هڪ تحريري حڪم جاري ڪيو آهي.

