پي ٽي اي ۾ هڪ سينئر ميمبر کي عارضي طور تي چيئرمين پي ٽي اي مقرر ڪيو وڃي، عدالت جو حڪم
اسلام آباد؛ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيئرمين پي ٽي اي کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست قبول ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته چيئرمين پي ٽي اي جي مقرري قانوني طور تي صحيح نه هئي، تنهن ڪري چيئرمين پي ٽي اي کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي. عدالت حڪم ڏنو ته پي ٽي اي ۾ هڪ سينئر ميمبر کي عارضي طور تي چيئرمين پي ٽي اي مقرر ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پاران محفوظ ڪيل فيصلو اڄ جاري ڪيو ويو، جسٽس بابر ستار 99 صفحن تي فيصلو لکيو.

