دادا صاحب ڦالڪي جي شوٽنگ ملتوي: عامر خان کي راجو هيراڻيءَ جي فلم جو اسڪرپٽ پسند نھ آيو

Homeخبروندادا صاحب ڦالڪي...

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ هدايتڪار راجڪمار هيراڻي پنهنجي نئين فلم جي اسڪرپٽ تي اسٽار اداڪار عامر خان جي ردعمل ٻڌي دنگ رهجي ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، عامر خان ۽ راجڪمار هيراڻي جي ملاقات کان پوءِ دادا صاحب ڦالڪي جي زندگي تي آڌاريل فلم في الحال روڪي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن راجڪمار هيراڻي ۽ فلم جي ليکڪ عامر خان کي اسڪرپٽ ٻڌايو ته عامر خان محسوس ڪيو ته ان ۾ مزاحيه ۽ جذباتي عنصر گهٽ آهن ۽ ڪابه اهڙي شيءِ ناهي جيڪا سئنما ۾ مداحن کي جڪڙي رکي.

عامر خان اسڪرپٽ ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته ڪهاڻي ۾ مزاح، جذبن ۽ ڊرامائي عنصر موجود نه آهن، ان ۾ اهڙا لمحا نه آهن جيڪي مداحن کي کلڻ تي مجبور ڪن يا دل کي ڇُهي وڃن، جيڪا ماضيءَ ۾ راجڪمار هيراڻي جي فلمن جي سڃاڻپ رهي آهي.

اسٽار اداڪار هدايتڪار ۽ ليکڪ کي چيو ته فلم جو اسڪرپٽ ٻيهر لکي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، اداڪار جي اِها ڳالهه ٻڌي هدايتڪار ۽ ليکڪ ٻئي حيران ٿي ويا ۽ سوچ ۾ پئجي ويا.

فلم لاءِ شوٽنگ جو شيڊيول آڪٽوبر 2025 ۾ مقرر هو، جيڪو هاڻي ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ عامر خان ٻين پروجيڪٽس تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

مداحن کي اميد هئي ته ”ٿري ايڊيٽس“ ۽ ”پي ڪي“ جهڙين هٽ فلمن کانپوءِ اداڪار ۽ هدايتڪار جي جوڙي جي هڪ ٻي فلم ڏسڻ کي ملندي، پر اها فلم في الحال ملتوي ڪئي وئي آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});