ڪراچي(رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان موجب سنڌ جي 14 ضلعن جي 29 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون، اعلان موجب پولنگ اسٽيشنن اندر موبائل فون کڻي اچڻ تي پابندي هوندي، رڳو عملو ۽ سيڪيورٽي اهلڪار هن پابندي کان آزاد هوندا، ترجمان اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته اليڪشنز ايڪٽ 2017 جي شق 182 تحت پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ عوامي اجتماعن، جلسن، جلوسن ۽ ڪارنر ميٽنگز تي پابندي هوندي. اها پابندي 22 ۽ 23 سيپٽمبر جي وچ واري رات کان پولنگ جي پڄاڻي تائين لاڳو رهندي، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
سنڌ ۾ 29 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊون 24 سيپٽمبر تي ٿينديون، تياريون مڪمل
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

