ارومچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ارومچي جي اربن آپريشنز اينڊ مئنيجمينٽ سينٽر جو دورو ڪيو،
هي مرڪز عوامي صحت، تعليم، روڊ سيفٽي، يوٽيلٽيز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ۾ ڪوآرڊينيشن فراهم ڪري ٿو. تفصيل موجب، صدر زرداري جو ارومچي جي ميئر ۽ ڊپٽي گورنر پاران استقبال ڪيو ويو. اربن آپريشنز اينڊ مئنيجمينٽ سينٽر جي دوري دوران، هن ڊجيٽل پليٽ فارم ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ پلانرز جي ويزن کي ساراهيو. سينٽر 30 کان وڌيڪ شعبن کي ڊجيٽل طور تي ڳنڍي 200 کان وڌيڪ خدمتون فراهم ڪري ٿو. سينٽر عوامي صحت، تعليم، روڊ سيفٽي، يوٽيلٽيز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ۾ ڪوآرڊينيشن فراهم ڪري ٿو. پاڪستاني صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني شهري پلانر هن تجربي مان سکندا. چين ۾ پاڪستان جو سفير سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ پاڪستان ۾ چيني سفير پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

