اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ حج اسڪيم جي درخواستن جي وصولي اڄ کان شروع ٿي وئي آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسڪيم تحت 37,900 حاجي درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، ۽ پرائيويٽ حج آپريٽرز انهن حاجين کي ترجيح ڏيندا جيڪي گذريل سال حج تي نه ويا هئا.
ذريعن موجبڏ 22,097 حاجي جيڪي گذريل سال حج تي نه ويا هئا، رجسٽرڊ ٿيا آهن، ۽ پرائيويٽ حج آپريٽرز هڪ حلف نامو ڏيندا جنهن ۾ چيو ويندو ته گذريل سال حج تي نه ويندڙ حاجين جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته هن سال پرائيويٽ حج آپريٽرز جي ڪوٽا 60,000 مقرر ڪئي وئي آهي، 22,097 حاجي جيڪي گذريل سال حج تي نه ويا هئا ۽ 37,903 نوان درخواست ڏيندڙ هن اسڪيم تحت حج تي وڃي سگهندا.

