تازو معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل سلامتي کي يقيني بڻائي ٿو: ترجمان شفقت علي خان
اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو نج دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف ناهي. معاهدو خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدو ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط ڀائيواري کي باضابطه شڪل ڏي ٿو.
هن چيو ته تازو معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌائيندو ۽ گڏيل سلامتي کي يقيني بڻائيندو. معاهدي تحت، ڪنهن به ملڪ تي حملو ٻنهي ملڪن تي حملو سمجهيو ويندو.
شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 17 سيپٽمبر تي سعودي بادشاهه جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو شاندار استقبال پڻ ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري ڳالهيون ٿيون.
هن چيو ته 1960 جي ڏهاڪي کان وٺي دفاعي تعاون پاڪستان-سعودي لاڳاپن جو مکيه ٿنڀ رهيو آهي، جنھن سبب پاڪستان جي وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عهد هڪ اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ ٿيندڙ هنگامي اسلامي سربراهي اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت تي غور ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ هڪ گڏيل بيان تيار ڪيو ويو، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو ۽ اسرائيلي حملن کي غير قانوني ۽ بنا ڪنهن اشتعال جي قرار ڏنو ويو.
ترجمان چيو ته پاڪستاني پرڏيهي وزير اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ ثالثي ۾ قطر جي ڪردار جي تعريف ڪئي. پاڪستان جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪائونسل ۾ پڻ مسئلو اٿاريو ۽ فوري طور تي بحث جو مطالبو ڪيو.

