تيرانا(ويب ڊيسڪ) دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ مصنوعي ڏاهپ ( اَي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيل وزير پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو.
گذريل ڏينهن البانيا جي پارليامينٽ مان دنيا جي پهرئين آءِ اي ذريعي تيار ڪيل وزير خطاب ڪيو، جيڪو البانيا لاءِ هڪ انوکو اعزاز هو.
البانوي لباس پهريل عورت ” ڊيلا“ يعني ” سج“ نالي اي آءِ وزير پنهنجي پهرئين خطاب ۾ چيو ته ”مان انسانن جي جاءِ والارڻ لاءِ نه پر سندن مدد ڪرڻ لاءِ آهيان.“
هن چيو ته ”آئين کي اصل خطرو مشينن مان نه پر اقتدار ۾ رهندڙن جي غير انساني فيصلن کان آهي.“
ياد رهي ته البانوي وزيراعظم ايڊي راما گذريل هفتي دنيا جي پهرين منصوعي حڪومتي وزير جي مقرري ڪئي هئي.

