اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر شان مسعود جو چاچو ۽ اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر وقار مسعود لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير جي ڀاءُ منصور خان اڳوڻي ڊاڪٽر وقار مسعود جي وفات جي تصديق ڪئي آهي.
منصور خان موجب، ڊاڪٽر وقار مسعود جي جنازي نماز اڄ سانجھي جي نماز کان پوءِ اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر وقار مسعود ڪيترن ئي سالن کان وفاقي فنانس سيڪريٽري جو عهدو سنڀالي چڪو آهي.

