نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي ڳائڻو بريٽ جيمس پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان گڏ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
پرڏيهي خبرن جي اداري موجب، 18 سيپٽمبر تي، گريمي ايوارڊ يافته آمريڪي ڳائڻو بريٽ جيمس پنهنجي زال ۽ 28 سالن جي ڌيءَ سان گڏ هڪ خانگي جهاز ۾ سوار هو.
خانگي جهاز آمريڪي شهر نيشويل جي جان سي ٽيون ايئرپورٽ تان اڏام ڪئي، پر اتر ڪيرولائنا جي فرينڪلن ۾ هڪ اسڪول جي ويجهو هڪ ميدان ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
حادثي ۾ بريٽ جيمس، سندس زال ۽ ڌيءَ سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا، پر ڪنهن به اسڪول جي شاگرد جي مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جي ڪا به خبر ناهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، ڪري تباهه ٿيل جهاز بريٽ جيمس جي نالي تي رجسٽرڊ هو، پر حادثي جو سبب اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته 57 سالن جي بريٽ جيمس 90 جي ڏهاڪي ۾ هڪ سولو البم جاري ڪيو، پر بريٽ پردي پويان سوين گانا لکڻ ۽ ڳائڻ لاءِ مداحن ۾ وڌيڪ مشهور هو.
کيس سندس شاندار خدمتن لاءِ ٻه ڀيرا گريمي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آهي.

