ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هندستاني ميڊيا اينڪر پرسن پالڪي شرما اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت مئي جي جنگ کان پوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي چڪو هو.
هڪ تقريب ۾ ڏنل انٽرويو ۾، ڀارتي اينڪر پرسن پالڪي شرما چيو ته ڀارت کي اهو سبق سکڻو پوندو ته اسان وٽ قابليت آهي، پئسا آهن پر بصيرت جي سخت کوٽ آهي.
پالڪي شرما اعتراف ڪيو ته ڀارت مئي جي جنگ کان پوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي چڪو هو.
ڀارتي اينڪر چيو ته جڏهن به اسان هندستان ۾ حڪمت عملي بابت ڳالهايون ٿا، ته اسان جي سوچ سرحدن ۽ سفارتڪاري تي رڪجي ويندي آهي، پر اسان ميڊيا بابت نه ٿا سوچيون، ان جي برعڪس، ميڊيا کي سڄي دنيا ۾ هڪ اسٽريٽجڪ وسيلن طور تسليم ڪيو پيو وڃي.

