ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ 4 ڊي ايس پيز خلاف جاچ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي تنوير عالم اوڍو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو.
جن ڊي ايس پيز خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن ۾ ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ اورنگزيب خٽڪ، ڊي ايس پي ڪالاڪوٽ آصف منور، ڊي ايس پي کارادر شبير احمد ۽ ڊي ايس پي عيدگاهه ظفر اقبال شامل آهن.
چارئي ڊي ايس پيز زمين تي قبضي، سمگلنگ ۾ سهولتڪاري، پارڪنگ مافيا، اسٽالن ۽ چانهه جي هوٽلن تان ڀتا خوري سميت الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ اورنگزيب خٽڪ تي زمين تي قبضي ۽ سمگلنگ ۾ سهولت ڏيڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي ڪالاڪوٽ آصف منور تي منشيات فروشن ۽ پارڪنگ مافيا کان ڀتا خوري جو الزام آهي.
ڊي ايس پي کارادر شبير احمد تي اسٽالن ۽ چانهه جي هوٽلن کان ڀتا خوري جو الزام آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي عيد گاهه ظفر اقبال تي غير قانوني پارڪنگ جو الزام آهي، جنهن ۾ اسٽالن ۽ چانهه جي هوٽلن کان ڀتا خوري شامل آهي.
آءِ جي سنڌ انڪوائري آفيسر ڊي آءِ جي تنوير عالم اوڍو کي هدايت ڪئي ته هو 26 سيپٽمبر تائين انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي.

