لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فوجي عدالت مان ڏنل سزا بابت تفصيل طلب ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ حسن نيازي جي اعتراض واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي آهي.
جسٽس شهباز رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فوجي عدالت مان ڏنل سزا بابت حسن نيازي جي اعتراض واري درخواست تي 23 سيپٽمبر تي ٻڌڻي ڪندو.
عدالت وفاقي حڪومت جي وڪيل کي هدايتن سان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
رجسٽرار آفيس شروعاتي طور تي موقف اختيار ڪيو هو ته درخواست گذار لاڳاپيل فورم سان رابطو نه ڪيو هو، پر هاڻي معاملو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

