اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنگل بينچ جي پي ٽي اي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جي فيصلي کي معطل ڪندي تحريري حڪم جاري ڪيو آهي.
جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس تحريري حڪم جاري ڪيو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنگل بينچ فيصلو ڏيندي اٽارني جنرل جو نوٽيس نه ورتو ۽ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.
پي ٽي اي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ميمبر ايڊمنسٽريشن جي مقرري قانون موجب هئي، عدالت درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ جسٽس بابر ستار پي ٽي اي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڏنو هو.

