اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون 16 آڪٽوبر تي ٿينديون.
شيڊول موجب اميدوار 27 سيپٽمبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 29 سيپٽمبر تي ٿيندي، جڏهن ته اميدوارن جي ابتدائي فهرست 30 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي.
نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 1 آڪٽوبر تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون، جن تي فيصلا 3 آڪٽوبر تائين اعلان ڪيا ويندا، ۽ اميدوارن کي 4 آڪٽوبر تي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو اختيار هوندو.
چونڊ جي ڏينهن تي پولنگ صبح 8:30 کان شام 5:00 وڳي تائين بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندي.

