ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فتنھ الھندوستان جو دهشتگرد ۽ جعفر ايڪسپريس حملي جو ماسٽر مائينڊ افغانستان ۾ مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فتنھ الھندوستان جو دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد افغانستان ۾ مارجي ويو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته گل رحمان عرف استاد مريد جعفر ايڪسپريس حملي جو ماسٽر مائينڊ هو. هندستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا موجب، هي دهشتگرد 17 سيپٽمبر 2025 تي افغان صوبي هيلمند ۾ مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد گل رحمان فتنہ الھندوستان مجيد برگيڊ جو ٽرينر ۽ آپريشنل ڪمانڊر هو. دهشتگرد گل رحمان سيڪيورٽي فورسز، چيني شهرين، معصوم شهرين ۽ مختلف ادارن تي حملن ۾ ملوث هو.
ذريعن موجب، فتنھ الھندوستان پاڪستان جي بيگناهه شهرين، سيڪيورٽي فورسز ۽ سي پيڪ منصوبن کي نشانو بڻايو.
ياد رهي ته هن سال مارچ ۾ بلوچستان جي علائقي بولان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ 26 ماڻهو شهيد ٿيا هئا، جڏهن ته فورسز جي ڪارروائي ۾ 33 دهشتگرد مارجي ويا هئا ۽ 350 کان وڌيڪ يرغمالين کي آزاد ڪرايو ويو هو.

