اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) هن سال جو ٻيو سج گرهڻ سڀاڻي رات نظر ايندو.
سپارڪو چيو آهي ته سج گرهڻ 21 ۽ 22 سيپٽمبر جي وچ واري رات ٿيندو پر پاڪستان ۾ نظر نه ايندو. سج گرهڻ 21 سيپٽمبر تي پاڪستاني وقت مطابق رات 10:30 تي شروع ٿيندو.
سج گرهڻ 22 سيپٽمبر تي منجهند 12:42 تي عروج تي هوندو، جزوي سج گرهڻ 2:55 تي ختم ٿيندو، هن سال جو ٻيو سج گرهڻ پڻ پاڪستان ۾ نظر نه ايندو.
سپارڪو وڌيڪ چيو آهي ته سج گرهڻ پئسفڪ، ائٽلانٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ آسٽريليا جي ڪجهه حصن ۾ نظر ايندو.

