اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جون آئيني درخواستون اعتراضن سان واپس ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس درخواستن تي اعتراض اٿاريا.
اٿاريل اعتراضن موجب، درخواستگذار اهو واضح نه ڪيو ته درخواستن ۾ عوامي مفاد جو ڪهڙو مسئلو آهي، ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا ته آرٽيڪل 184/3 جو دائرو استعمال ڪيو وڃي. درخواستگذارن ذاتي رنجش جي بنياد تي آرٽيڪل 184/3 جي غير معمولي دائري تحت درخواستون داخل ڪيون.
رجسٽرار اعتراض ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو ذوالفقار مهدي بمقابلہ پي آءِ اي ڪيس ذاتي رنجش جي بنياد تي آرٽيڪل 184/3 تحت درخواست داخل ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، آرٽيڪل 184/3 تحت درخواست جي اجزاء کي پورو نه ڪيو ويو. ججن آئيني درخواست داخل ڪرڻ جو ڪو ٺوس سبب بيان نه ڪيو ۽ نه ئي ڌرين کي نوٽيسن لاءِ وضاحت ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي اختيارن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪيون هيون.
هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس سردار اعجاز اسحاق ۽ جسٽس سمن رفعت امتياز شامل هئا.

