ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ٻارن سان زيادتي ڪيس ۾ ملزم جوڊيشل مئجسٽريٽ جي سامهون اعترافي بيان ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
ڪراچي جي ڏکڻ جوڊيشل مئجسٽريٽ قيوم آباد ۾ نابالغ ٻارن ۽ ڇوڪرين سان زيادتي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدار جو اعترافي بيان عدالت ۾ 6 ڪيسن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ جوابدار کي پڙهي ٻڌايو ويو ۽ جوابدار پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته ايبٽ آباد جو رهواسي ملزم شبير ڪراچي جي قيوم آباد علائقي ۾ شربت جو اسٽال لڳائيندو هو ۽ اتي ايندڙ معصوم ٻارن کي پنهنجي هوس جو نشانو بڻائيندو هو. جوابدار شبير تنولي کي 11 سيپٽمبر تي نابالغ ٻارن ۽ ڇوڪرين سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. متاثر ڇوڪريون جج جي سامهون پيش ٿيون ۽ جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي. متاثر ڇوڪرين عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ساڳئي ملزم (شبير احمد تنولي) انهن سان زيادتي ڪئي هئي

