ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لانڌي علائقي مان اغوا ۽ قتل ڪيل ٻارڙي سان جنسي زيادتي جا ثبوت مليا آهن.
تفصيل موجب، لانڍي پوليس اسٽيشن جي 36-بي لال مزار واري علائقي مان اغوا ۽ قتل ڪيل ست سالن جي ٻار سعد علي جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس سرجن ڊاڪٽر ساميه طارق موجب، پوسٽ مارٽم دوران فوت ٿيل نابالغ ٻار تي جنسي زيادتي جا ثبوت مليا آهن. ٻار جي موت ڪنهن ڳري شيءِ سان مٿي تي زخم لڳڻ سبب ٿي.
پوليس سرجن چيو ته پوسٽ مارٽم دوران فوت ٿيل ٻار جي مختلف عضون جا نمونا ورتا ويا آهن ۽ ڪيميڪل جاچ لاءِ موڪليا ويا آهن. مقتول اغوا ٿيل ٻار جي جنازي نماز ۽ تدفين منجهند ادا ڪئي ويندي.
ياد رهي ته فوت ٿيل ٻارڙي سعد علي 18 سيپٽمبر جي شام جو پنهنجي گهر ٻاهران گم ٿي ويو هو، ۽ لانڍي پوليس اسٽيشن ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ۽ پنج ڏينهن بعد، سومر جي رات سندس گهر جي ويجهو ڪچري جي ڍير مان ڪجهه ڏينهن پراڻي لاش ملي.

