حيدرآباد(رپورٽر) محراب پور جي ڳوٺ غازي خان لاشاري جي رهواسي پيرسن قادر بخش لاشاري مل انتظاميا پاران پينشن واري رقم بند ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو۔ هن دانهيندي چيو ته مان ماڊرن ٽيڪسٽائيل مل ٽنڊو ڄام ۾ ملازم هيس مون کي اي او بي آء پاران پينشن ڪارڊ جاري ڪيو ويو هو پر مل انتظاميا مون کي هر مهيني پينشن ڏيڻ بجاء 30 هزار روپيا ڏئي هاڻ پينشن ڏيڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي . هن چيو ته مسڪين آهيان سڄي زندگي مل ۾ گذاريو آهي محنت ڪئي آهي پر آخر ۾ منهنجو حق کاڌو پيو وڃي مسڪين آهيان لاڳاپيل انتظاميا پينشن ن ڏئي ظلم ڪري رهي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کيس پينشن واري رقم ڏياري ساڻس انصاف ڪيو وڃي۔
محراب پور جي پيرسن جو مل انتظاميا پاران پينشن بند ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

