نوابشاه (رپورٽر) سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اپيل تي اڄ ٻئي ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاء سمورا تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون بند رهيون.
ان موقعي تي آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن شهيد بينظيرآباد ساقي گروپ جي صدر امجد بروهي، ايپڪا ميونسپل ڪارپوريشن شهيد بينظيرآباد جي صدر نورالدين ڀٽي، سينيئر اڳواڻ شمس الدين هوت، جنرل سيڪريٽري قابل حسين زرداري، ضلعي سينيئر نائب صدر سميع احمد بگھيو، ايڇ خواجه ٽائون صدر عابد حسين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي خلاف استادن ۽ سرڪاري ملازمن پنهنجن جائز مطالبن جي حمايت ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ سميت سمورا سرڪاري ادارا مڪمل طور تي بند آهن ڇو ته سنڌ حڪومت ملازمن جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي.
هنن مطالبو ڪندي چيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي ختم ڪئي وڃي، گروپ انشورنس فوري بحال ڪئي وڃي ۽ بينيوولنٽ فنڊ جاري ڪيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته اگر ملازمن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس ڪراچي اڳيان مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪيو ويندو.

