مٺي: ثقافت کاتي جي انڊومينٽ فنڊ جي ميمبر رجب فقير طرفان بهترين قدم کنيو ويو، جتي هن مرحوم عارب فقير جي تڏي تي پهچي سندس وارثن کي هڪ لک روپين جو چيڪ حوالو ڪيو۔
ان موقعي تي عارب فقير جي وارثن سيد ذوالفقار شاهه ۽ ، رجب فقير جو دل سان شڪريو ادا ڪيو۔
رجب فقير جو چوڻ هو ته عارب فقير جي بيماري دوران ئي اسان چيڪ ڏيڻ جو پروسيس شروع ڪيو هو، پر افسوس جو هو حياتي ۾ وصول نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري اها رقم سندس پوئينرن کي ڏني وئي آهي۔ منهنجي ذميواري آهي ته هن فنڊ کي شفافيت سان استعمال ڪريون ۽ جيڪي مستحق راڳي آهن انهن تائين پهچايون۔ مان پنهنجي فنڪار برادري لاءِ هر ڏکئي وقت ۾ حاضر آهيان۔
رجب فقير وڌيڪ چيو ته: مٺي ۾ موجود نه هجڻ سبب عارب جي بيماري دوران عيادت نه ڪري سگهيس، جنهن جو مون کي انتهائي ڏک آهي۔ عارب فقير مون لاءِ ٻچن وانگر ڀائيندو هو، مالڪ سندس پوئينرن کي صبر ۽ حوصلي جي توفيق عطا ڪري.

