ٽنڊوڄام ٽول انتظاميه جو انوکو ڪارنامو: رھائشي علائقي جي روڊ تي زبردستي ٽول وصولي، روڊ بلاڪ

Homeاهم خبرٽنڊوڄام ٽول انتظاميه...

ٽنڊوڄام (رپورٽ: جنيد گاڏھي) ٽنڊوڄام ۾ ٽول انتظاميه پاران قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي رھائشي ڪالوني جي وچ واري روڊ تي بيجا طور تي گاڏين کي روڪي زبردستي ٽول وصول ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.

ذريعن موجب، ٽول پلازا جي جنرل مينيجر پاران ٽنڊوڄام جي مير ڪالوني جي وچ تي گاڏي بيهاري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي روڪيو ويو ۽ زبردستي ٽول وصولي جو سلسلو شروع ڪيو ويو. جنهن سبب علائقي واسي شديد غصي ۾ اچي ويا ۽ احتجاج طور گڏ ٿي عملدارن سان منهن ماري ڪئي.

مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته مير ڪالوني اندر رھائشي روڊ آهي، جتان گذرڻ تي ٽول جو ڪو جواز ناهي. بهرحال، ٽول انتظاميه جي عملدارن گاڏيون روڪي، رستي تي رڪاوٽ وجهي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

هڪ ڊرائيور جو چوڻ هو ته، اسان صرف موسا کٽياڻ لنڪ روڊ استعمال ڪري رھيا آھيون، جتي ڪا به ٽول پلازا جي حد لاڳو نٿي ٿئي، پر ان جي باوجود زبردستي ٽول وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف ٽول عملي پاران مؤقف ڏنو ويو ته، اسين حيدرآباد ـ ميرپورخاص روڊ تان گذرندڙ گاڏين کان ٽول وصول ڪري رھيا آھيون، جيڪي لنڪ روڊ استعمال ڪري رھيا آھن.

علائقي واسين انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ رھائشي علائقن مان ٽول وصولي جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ٽنڊوڄام: يوسي 66 جي چيئرمين...

ٽنڊوڄام (رپورٽ جنيد گاڏھي) ٽنڊوڄام يوسي 66 جي چيئرمين طرفان ترقياتي ڪمن ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ خلاف وارڊ نمبر 1...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});