اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ضلعي ۽ سيشن عدالتن آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس تي سفارتي پاسپورٽ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي آهي.
جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل سردار تنوير الياس خلاف سفارتي پاسپورٽ جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جي حڪم تي سردار تنوير الياس عدالت ۾ پيش ٿيو جتي مٿس فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. سردار تنوير الياس الزام کان انڪار ڪيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي شاهدن کي طلب ڪيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

