ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجا ڪزن ڪافي عرصي کان سياست ۾ سرگرم آهن، جيڪڏهن اهي ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان انهن کي ڀليڪار ڪريون ٿا.
وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيستائين منهنجي ڪزن جي سياست ۾ داخلا جو تعلق آهي ته اهي ڪافي عرصي کان سرگرم آهن، جيڪڏهن اهي هاڻي ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان انهن کي ڀليڪار ڪريون ٿا، منهنجون نيڪ خواهشون منهنجي ڪزن سان آهن.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر زرداري، سندس ڀينرن يا مون ڪڏهن به انهن تي تنقيد نه ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ گڏجي ملڪ جي خدمت ڪن.

