گھوٽڪي ( ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراني چيو آهي ته اهو اسان جو قومي الميو آهي جو 30 سال گذرڻ باوجود پوليو وائرس ختم ناهيون ڪري سگهيا، سنڌ حڪومت پاران سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ پوليو مهم بابت ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته پوليو مهم بابت گڏجاڻين ۾ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪري خاناپوري ڪرڻ بدران مسئلن کي چڱي ريت سمجهي حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون وڃن، هن چيو ته صحت کاتي جا عملدار 3 ڏهاڪن کان پوليو مهم هلائن پيا ان باوجود مسئلا حل ڇو نه پيا ٿين انڪري تربيت جي فقدان ۽ ادارن وچ ۾ رابطن جي فرق کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن پوليو مهم اثرائتي بڻجي ۽ ڪو به ٻار ڦڙن کان محروم نه رهي ڇو ته هي هڪ قومي فرض آهي جيڪو سچائي ۽ ذاتي دلچسپي سان ادا ڪرڻ گهرجي.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو مهم ۾ تعليم، سوشل ويلفيئر ۽ پاپوليشن کاتي جي آفيسرن کي به شامل ڪري کين يونين ڪائونسل سطح تي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن سخت نگراني سان مهم کي وڌيڪ جٽادر بڻائي سگهجي. ان موقعي تي اين اسٽاپ آفيس ڊاڪٽر ظهير ڊومڪي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 13 کان 19 آڪٽوبر تائين جاري رهندڙ مهم دوران ضلعي جي 4 لک 3 هزار 294 ٻارڙن کي 1300 ٽيمن ذريعي پوليو سميت وٽامن اي جا ڦڙا به پياريا ويندا. گڏجاڻي ۾ اي ڊي سي ون تنوير احمد، اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

