نوابشاهه (رپورٽر ) جسقم (جساف) شهيد بشير خان جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ۽ شاگرد اڳواڻ عبدالحنان عباسي کي اي سيڪشن پوليس نوابشاهه پاران گرفتار ڪرڻ تي شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. عبدالحنان عباسي جي گرفتاري خلاف جسقم جساف جي ڪارڪنن پاران نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج دوران اڳواڻ ناصر شاهه، سيف جتوئي ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، پر پوليس مظاهري تي چڙهائي ڪندي ناصر شاهه ۽ ٻين ساٿين کي به گرفتار ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته عبدالحنان عباسي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جو شاگرد ۽ احتجاجي تحريڪ جو اڳواڻ آهي، جيڪو وقت بوقت يونيورسٽي جي سيڪيورٽي انچارج نويد لاکو ۽ وائيس چانسلر امداد شاھ کي هٽائڻ لاءِ احتجاج ڪندو رهيو آهي.
انتظاميا پاران کيس يونيورسٽي اندر داخلا تي به پابندي مڙهيل آهي.گذريل ڏينهن به شاگردن جي احتجاج دوران پوليس عبدالحنان عباسي خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿيو هو، پر اڄ ٻيهر پوليس کيس گرفتار ڪري لاٿو.ان حوالي سان جسقم جساف ۽ شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عبدالحنان عباسي ۽ ٻين ڪارڪنن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو اظهارِ راءِ ۽ بنيادي حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عبدالحنان عباسي سميت گرفتار ڪيل سڀني ساٿين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ يونيورسٽي اندر شاگردن جي جائز مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته تحريڪ جو دائرو وڌائي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

