ڪراچي اوڀر (رپورٽ: نواب علي بگھيو) ھارون جمالي جي اغوا واري معاملي ۾ آيل سنڌ آباد مرڪز تي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي ٽيم پهتي، جتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ان موقعي تي پير محمد فرخ شاھ سرھندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھي معاملو انتهائي سنجيده آھي، ان کي ڪنهن به سياسي يا ذاتي رخ ڏيڻ بجاءِ غيرجانبدار جاچ ذريعي ڏسڻ گھرجي.
سندس چوڻ ھو ته سنڌ آباد مرڪز تي ايندڙ پوليس ٽيم کان اسان مڪمل تعاون ڪريون ٿا، پر ساڳئي وقت مطالبو ٿا ڪريون ته ھارون جمالي جي اغوا بابت جاچ اھڙي انداز ۾ ڪئي وڃي، جو اصل حقيقت عوام آڏو اچي ۽ معصومن کي انصاف ملي.
پير محمد فرخ شاھ سرھندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙن معاملن ۾ غيرجانبدار طريقي سان ڪارروائي نه ٿي ته عوام جو اعتماد ادارن تان کسي ويندو.

